سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ريلي ڪنري پهتي، شاندار آجيان، وطن ۽ وسيلن جي ڳالهه ڪندڙ غدار آھن: اڳواڻ

0
278

ڪنري (ن پ ا) سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي بحريا ٽائون انتظاميا ۽ سنڌ جي وسيلن تي قبضي خلاف نڪتل ريلي ڪُنري پھتي، جنهن جي شاندار آجيان ڪئي وئي، سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران روشن ٻرڙو، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، نصرت چنا، نواز شاھ ڀاڏائي، اسلم خيرپوري، نواز خان زنئور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪنري پهتي، سنڌ ايڪشن ڪاميٽي ريلي مک آمريڪن چوڪ تي جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي ۽ وڏي انگ ۾ ڪارڪن ۽ شھرين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي بحريا ٽائون سميت سمورا سنڌ دشمن منصوبن ۽ ڌارين جي آبادڪاري خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، اڳواڻن چيو ته سنڌ جي وسيلن تي ڌارين جو قبضو آھي ھتي وطن ۽ وسيلن جي ڳالهه ڪندڙ غدار آھن، بحريا ٽائون انتظاميا سنڌ جي وسيلن تي قبضا ڪري احتجاج ڪندڙ سنڌي ماڻھن خلاف ڪاروايون ڪرائي پئي، سنڌ حڪومت پاڻ ملوث آھي، سنڌي قوم پنھنجي بقا خاطر ۽ سنڌ جو ٻچو پنھنجي ڌرتي جي انچ انچ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿو، اڳواڻن جو چوڻ هو ته بحريا، ڊي ايڇ اي ۽ ٻيا سنڌ دشمن منصوبا ڪنھن به صورت ۾ قابل قبول ناهن