سوال/سروي عيد کانپوءِ عمران حڪومت ختم نه ٿيندي پر لڳي ٿو ته پي ڊي ايم پاڻ ئي نه رهندي: عوام

0
220

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته مخالف ڌر پارٽين جي اتحاد پي ڊي ايم جي قيادت چيو آهي ته عيد بعد حڪومت نه رهندي، عمران سياست جو غيرضروري حصو آهي، ادارا پٺڀرائي بند ڪن، مخالف ڌر پارٽين جي اتحاد پي ڊي ايم جي ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته عيد کانپوءِ عمران حڪومت ختم نه ٿيندي پر لڳي ٿو ته پي ڊي ايم پاڻ ئي نه رهندي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي حسنين حميد سنڌو لکيو ته پي ڊي ايم ڪجهه نه ڪري سگهندو عمران حڪومت نه ويندي، گل حسن شر لکيو ته پنهنجي سپورٽرن کي ڇڙوڇڙ ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ دلاسو ته ڏيندا باقي نٿو لڳي ته حڪومت ويندي عمران پنهنجو مدو پورو ڪندو، هزار خان لکيو ته ٻھ سال کان ٻڌون ٿا بس ھاڻي وئي حڪومت بس اجھو وئي، پ پ پنھنجا مفاد وٺي ھنن کان ڀڄي وئي مولانا کي يا نواز ليگ کي به ڪٿان رليف مليو ته اھي به ڀڄي ويندا حڪومت ڪاڏي نه ويندي، عبدالوهاب کوسو لکيو ته پي ڊي ايم پاران هڪ ڀيرو ٻيهر جلسا جلسو ڪرڻ ۽ حڪومت وڃڻ جون ڳالهيون ڪرڻ مان لڳي ٿو ته هنن کي ڪٿان ڪو آسرو مليو هوندو. جانب علي ڪٽوهر لکيو ته پي ڊي ايم جي طاقت ٽٽي وئي آهي عمران سرڪار پنج سال پورا ڪندو، غلام حسين ڀٽي لکيو ته عمران خان جي حڪومت لاءِ شروع کان وٺي ايئن چيو پيو وڃي اجهو حڪومت وئي، پي ڊي ايم جو پاڻ ۾ اتفاق نظر نٿو اچي، علي دوست چانڊيو لکيو ته نه حڪومت ويندي نه وري پي ڊي ايم هڪ ڳالهه تي متفق ٿيندي، نور بوزدار لکيو ته سڀ چور پي ڊي ايم ۾ آھن، طارق باجڪاڻي لکيو ته مونکي نٿو لڳي ته عيد کان بعد عمران جي حڪومت ڪرندي، مظفر بوزدار لکيو ته حڪومت کي ڪجهه نه ٿيندو، شهمير مهر لکيو ته پي ڊي ايم مان ماڻھن کي اميدون هيون پر هاڻ ماڻھو سمجهي ويا آھن اهي مفادن خاطر نڪتا آهن، عبدالهادي لکيو ته عيد کانپوءِ به حڪومت هوندي، ماجد پلهه لکيو ته مخالف ڌر حوال ٿي ڪري، رشيد مگسي لکيو ته اهو پي ڊي ايم جو سياسي بيان چئي سگهجي ٿو، ڪليم ڀيو لکيو ته حڪومت کي ختم ڪرڻ جون ڳالھيون پراڻيون ٿي چڪيون آھن، ڊي ڪي بلوچ لکيو ته پي ڊيم ايم تباھه ٿي ويو آھي، ابراهيم بروهي لکيو ته پي ڊي ايم وارا پنھنجن ڪارڪنن سان گڏوگڏ عوام کي به دوکو ڏئي رھيا آھن،، ثناءُالله چنا لکيو ته پي ڊي ايم وارا پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان سچا ناهن، عاشق حسين لکيو ته عيد گذري ويندي پر تبديلي نه ايندي، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته عمران خان حڪومت لاءِ شروع کان وٺي ايئن چيو پيو وڃي، وقاص ياسين آرائين لکيو ته حڪومت بلڪل رهندي، الله ڏنو بلوچ لکيو ته حڪومت 5 سال پورا ڪندي، مظهر عباسي لکيو ته لڳي ائين پيو ته عيد کان پوءِ پي ڊي ايم ئي نه رھندي، غلام سرور لکيو ته اڳ به ايئن چيو ويو هو، عامر جانوري لکيو ته ايندڙ 5 سال به عمران جا آهن، گل حسن بوزدار به سروي ۾ حصو ورتو، گلشير سومرو لکيو ته رڳو بيانبازي هلندي رهندي، امتياز جمالي لکيو ته غريب عوام مهانگائي ڪري عمران سرڪار مان بيزار آهي، ڀاڳچند وليچا لکيو ته لڳي پيو وري ھڪ دفو ٻيهر عوام کي بيوقوف پيا بڻائن، هالار ياسين لکيو ته حوال پروگرام آهي، اميرالبحر سڪندر، عليشه ميمڻ، ايڊووڪيٽ محمد علي درس، اسد کوسو به سروي ۾ حصو ورتو، شربت جعفري لکيو ته پي ڊي ايم وارا پاڻ ۾ به سچا ناهن حڪومت کي ڪجهه نه ڪري سگهندا، اعجاز رفيق منڌرو لکيو ته حڪومت پنج سال حڪومت پورا ڪندي، اسد ماڇي لکيو ته پي ڊي ايم پهرين جلسي کان ايئن چوي ٿي، ثقلين حيدر لکيو ته ڪجھه نه ٿيندو، موهن لال لکيو ته اپوزيشن اڳ به اهڙيون دعوائون ڪري چڪي آهي پر حڪومت کي لهر نه ڪي لوڏو، سڪندر بلوچ لکيو ته خواب ڏسڻ تي ڪا پاپندي ناھي، اسد کوسو لکيو ته نادر علي اڄڻ لکيو ته عيد کان پوءِ پي ڊي ايم ئي نه رھندي، محمد مراد چانڊيو لکيو ته عمران خان جي حڪومت پنج سال پورا ڪندي ۽ ڪشمير واري اليڪشن به پي ٽي آءِ کٽي ويندي.