اشو آف دي ڊي دودو ڀيل جي خون سان انصاف ڪريو: سوشل ميڊيا تي مطالبو

0
249

پورهيت دودو ڀيل جي خون سان انصاف لاءِ سوشل ميڊيا تي به ڀرپور آواز اٿاريو ويو، دودو ڀيل جي قاتل جي گرفتار جو مطالبو ڪرڻ سميت مقتول جي وارثن ۽ احتجاج ڪندڙن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت به ڪئي وئي. جسٽس فار دودو ڀيل ٽرينڊ پڻ هلايو ويو، ان سلسلي ۾ غازي بجير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مقتول دودي ڀيل جي وارثن سميت 150 ماڻهن تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن تي ديوان ڪي ڀيل، راجيڪش ڪمار، انور علي راهمون، لال شرما، محمد خان لنڊ، ظهير نهڙي ۽ ٻين اهڙي عمل جي مذمت ڪئي. مصطفيٰ نهڙيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسلام ڪوٽ ڌرڻي ۾ پوليس پاران صحافين مٿان ڪيل تشدد، شيلنگ ۽ موبائل فون ڦر ڪرڻ واري واقعي جي مذمت ڪريون ٿا. جامي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ت هدودي ڀيل جي قتل جي مڪمل جاچ ۽ ساڻس انصاف ٿيڻ گهرجي. دودي ڀيل جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ساڻس انصاف لاءِ گڏ ٿيندڙ عوام جي پرامن احتجاج مٿان هي پرتشدد ڪارروائي سرڪاري ۽ ڪارپوريٽ دهشتگردي آهي. انجي سخت مذمت ڪجي ٿي ۽ عدالتن کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. جنهن تي حريف چانڊيو، قاسم ڪيهر، واقعي جي مذمت ڪئي، آڪاش هميراڻي لکيو ته ٿر ۾ ڪول ڪمپنيون بحريا ٽائون کان به وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيون آهن، غلام مصطفيٰ ڏاهري لکيو ته پرامن احتجاج ڪندڙن مٿان تشدد ڪرڻ شرمناڪ عمل آهي عدالت کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. آڪاش ملاح وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته رات جي ھن پھر ۾ دودو ڀيل جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻي تي ڪيل ڪاھه جي سخت مذمت ڪجي ٿي، سنڌ جي ڌرتي تي سنڌين جو خون سستو سمجھي وھايو پيو وڃي، سنڌين کان احتجاج جو حق پڻ کسيو پيو وڃي، دودو ڀيل جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي. اصغر ناريجو، ايڊووڪيٽ شبير ڪنڀر اسلام ڪوٽ ۾ دودو ڀيل جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ لڳل ڌرڻي تي پوليس تشدد جي سخت مذمت ڪئي. نبي بخش لغاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته دودو ڀيل جا قاتل ته گرفتار نه ٿيا پر پرامن احتجاج ڪندڙ ڌرتي ڌڻين 150 ماڻهن تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ٿي ويو اهو آهي، غازي جهنڊير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسلام ڪوٽ ۾ احتجاجي ڌرڻي تي رات جي اونداهه ۾ لٺبازي دوران صحافين تي تشدد مذمت جوڳو عمل آھي، تشدد ۾ ملوث پوليس وارن تي ڪيس داخل ڪيو وڃي، علي نقرچ، ممتاز جکرو، بهاول کوسو، محمد حنيف بجير، بشير ڪٽوهر ۽ ٻين پڻ مذمت ڪئي. برڪت نوناري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌي ماڻهو ننڌڻڪا ناهن، ٿري ماڻهو ننڌڻڪا ناهن، ٿر جا ڀيل ننڌڻڪا ناهن جن کي توهان پنهنجي پيرن هيٺان چيٿاڙي ماري وجهو، دودي ڀيل جا قاتل گرفتار ڪري سر عام ڦاهيء تي لڙڪايو، شمس الدين زئور، ظفر علي پيرزادو، علي رضا پيراڻي، ساجد علي، علي خان ڏاهاڻي، آڪاش آهوجا، بشير سومرو، ممتاز سومرو، آفتاب سميجو، ڀيم ڪمار تيجاڻي ۽ ٻين پڻ دودو ڀيل جي خون سان انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ويرجي ڪولهي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته دودو ڀيل تي تشدد ڪندڙ ٿرڪول جا 8 سيڪيورٽي گارڊ گرفتار ڪيا ويا آهن، دودو ڀيل ڪيس ۾ جيڪي جوابدار ڪورٽ جي عبوري ضمانت تي آهن، اها ضمانت رد ڪرائي جوابدار گرفتار نه ڪرائي سگهيس ته گڏجي احتجاج جي اڳواڻي ڪنداسين.