سانگهڙ ۽ سڪرنڊ ۾ روڊ حادثا، 2 ڄڻا فوت، هڪ زخمي

0
190
بھاولپور ڀرسان ڪوچ سان خوفناڪ حادثو، ٻارن سوڌو 20 مسافر سڙي اجل جو شڪار
بھاولپور ڀرسان ڪوچ سان خوفناڪ حادثو، ٻارن سوڌو 20 مسافر سڙي اجل جو شڪار

سڪرنڊ/ سانگهڙ(ن پ ا) تيز رفتار ڪار جو رڪشه کي ٽڪر رڪشه ڊائيور ٿڏي تي فوت، سانگهڙ لڳ ماڊل ٽاون ڀرسان تيز رفتار ڪار رڪشا کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ 40 سالن جو لال خان پٽ صدر الدين ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش سول اسپتال سانگهڙ آندو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي جي وارثن جو پتو نه پئجي سگهيو ڪار سوار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جنهن جي ڳولا جاري آهي، هوڏانهن سڪرنڊ نيشنل ھاءِ وي صابو راھو اسٽاپ وٽ تيز رفتار ٽالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ نوجوان ڪبير بنگلاڻي فوت ٿي ويو ۽ موھن لال زخمي ٿي پيو، واقعي جو اطلاع ملندي ھمدرد فري ايمبولينس سروس ذريعي فوتي ۽زخمي کي تعلقا اسپتال سڪرنڊ آندو ويو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، حادثي جو شڪارفوتي ۽ زخمي اسڪول جا شاگرد هئا ۽ سڪرنڊ مان پرچا ڏئي ڳوٺ صابوراھو وڃي رھيا ھئا ته واقعون پيش آيو.