موهن جو دڙو (ن پ ا) سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو تي پرڏيهي وفد جو دورو، اسپين جو وفد ماريه جوزي جي اڳواڻي ۾ قديمي ماڳ تي پهتو. اسپين جي وفد جو موهن جو دڙو تي گلن جي ورکا ڪري دهل شرنائين سان شاندار استقبال ڪيو ويو. اسپين جي وفد اسٽوپا، گريٽ باٿ، ڊي ڪي ايريا، ايچ آر ايريا، ميوزيم سميت قديمي آثارن جو دورو پڻ ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وفد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ پنج هزار سال پراڻي ورثي جي مالڪ آهي. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌي قوم هڪ شاهڪار قوم آهي جنهن جو اندازو هتي اچي اڳاٽي مليل آثارن ۽ انهن جي رهڻي ڪهڻي کي ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ھنن چيو ته سنڌي ماڻهو تمام گهڻا مهمان نواز ۽ قرب ڏيندڙ آهن. جڏهن ته پرڏيهي وفد جي آجيان سنڌ جي ثقافت دهل ۽ شرنائين سان ڪئي وئي جڏهن ته وفد جي اڳواڻن کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پارايا ويا. هوڏانهن پرڏيهي وفد جي سيڪورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا.