لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي نشتر روڊ جو رهواسي30ورهين جو فوجي جوان حاڪم علي پٽ محمد اسماعيل منگي وانا باڊر تي دشمنن جي فائرنگ ۾ شھيد ٿي ويو هو، جنهن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، شهرين به شرڪت ڪئي، شهيد جي والد کي سندس وردي پڻ ڏني وئي.فوجي جوان کي اعزاز سان شاھ بهارو قبرستان ۾ دفنايو ويو،.ان موقعي تي غلام مصطفيٰ منگي جو چوڻ هو ته اسانکي فخر آھي ته حاڪم ملڪ خاطر قرباني ڏئي ملڪ جو ڳاٽ اوچو ڪيو آھي.شهيد فوجي جوان کي 4 ٻارڙن جو اولاد هو جنهن ۾ ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئر شامل آھن.فوجي جوان کي سلامي پيش ڪئي وئي، سندس آخري آرام گاھ تي قومي جھنڊو لڳايو ويو. پنو عاقل ڇانوڻي مان پاڪ فوج جو ليفٽيننٽ ارشد خان ۽ ٻيا شھيد حاڪم علي جي آخري آرام گاھ تي پھتا.