نوري آباد (ن پ ا) ڪوهستان ڪوٽڙي جي سينئر سياستدان ۽ جيلاني جماعت جي روحاني پيشوا پير زمان شاھ جيلاني پي ٽي آءِ جي سينٽرل ريجن سنڌ جو صدر ٿيڻ بعد ڪراچي کان واپسي تي ڪوهستان جي مختلف علائقن نوري آباد، 32 ميل تي الھورايو پالاري، وھيل پالاري، بخشو، الطاف انور جاکرو، اسماعيل جاکرو جي اڳواڻي ۾ سندس شاندار استقبال ڪيو ويو، لوڻي ڪوٽ، ٻولھاڙي ۾ به کيس شاندار آجياڻا ڏنا ويا. ان موقعي تي مختلف ھنڌن تي گڏ ٿيل عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي توڙي صحافين سان ڳالھائيندي پير زمان شاهه جيلاني چيو ته ڪوھستان واسين سان روح جا رشتا آھن انشاءَ الله وفاقي حڪومت ۾ ڪوھستان واسين جي بنيادي حقن ۽ ترقياتي منصوبن جي رٿا لاءِ ڪوششون وٺندس. ھن چيو ته وفاقي حڪومت ڪرپشن ڪندڙن جو گھيرو تنگ ڪري ڇڏيو آھي، جلد لٽيل رقم واپس ڪرائي انھن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. ھن چيو ته وفاقي حڪومت پنھنجو مدو پورو ڪرڻ سميت جيڪي عوام سان واعدا ڪيا آھن، اھي ضرور پورا ڪندي. ان موقعي تي ساڻس گڏ سندس فرزند مرتضيٰ شاهه پڻ موجود ھو.