سنڌو نواز گهانگهرو ڪارڪنن سميت آزاد: ايس ايڇ او تي چماٽن جو وسڪارو!

0
376

ڪنڊيارو جي عدالت بدامني خلاف احتجاج ڪرڻ تي گرفتار سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو سميت 7 ڄڻن جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، جنهن بعد کين آزاد به ڪيو ويو آهي

تفصيل: سنڌو نواز گهانگهرو جي اڳواڻ ۾ گذريل ڏينهن سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي ٿاڻي آڏو احتجاج ڪيو هو، پوليس مظاهرين تي لٺبازي ڪري سنڌو نواز گهانگهرو سميت 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو هو، ايس ايڇ او ڪنڊيارو سنڌو نواز گهانگهرو ۽ ٻين مٿان الزام هنيو هو ته مڇريل مظاهرين پوليس اهلڪارن کي تشدد جو نشانو به بڻايو

نوشهروفيروز جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٿاڻي تي حملي ڪيس ۾ سنڌو نواز گهانگهرو ۽ ٻين خلاف ڪيس مان دهشتگرديءَ جا قلم خارج ڪيا، عدالت ڪيس سيشن ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪيو

ڪنڊيارو پوليس سماجي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو ۽ ٻين کي نوشهروفيروز جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو، ڊسٽرڪٽ بار نوشهروفيروز جي 2 سئو وڪيلن پاران سنڌو نواز جو ڪيس وڙهڻ لاءِ وڪالت ناما جمع ڪرايا ويا

May be an image of 3 people, people standing and indoor

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي حڪم تي پوليس سنڌو نواز گهانگهرو ۽ ٻين کي ڪنڊيارو جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت سنڌو نواز گهانگهرو سميت سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي 7 ڪارڪنن جي 10-10 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي

ضمانت منظور ٿيڻ بعد سنڌو نواز گهانگهرو چيو آهي ته فتح حق سچ جي ٿيندي آهي، پوليس گردي نه هلندي

سنڌو نواز جي عدالت ۾ پيشي کانپوءِ هڪ وڊيو سامهون آئي، جنهن ۾ هُن الزام هنيو ته کيس عدالت ۾ پيش ڪرڻ وقت رستي ۾  خانگي گاڏي تي زبردستي ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

ضمانت ملڻ بعد سنڌو نواز گهانگهرو جڏهن اِها ڳالهه ڪارڪنن کي ٻڌائي ته هو ايس ايڇ او ڪنڊيارو قربان ڪلوڙ تي مڇرجي پيا ۽ کيس چماٽون هنيون، ايس ايڇ او تي تشدد جي وڊيو پڻ وائرل ٿي وئي آهي

ڪنڊيارو جي عدالت ۾ پيشي وقت سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي ڪارڪنن ايس ايڇ او قربان ڪلوڙ کي چماٽون هنيون، ايس ايڇ او تشدد کان بچڻ لاءِ عدالت جي اندر هليو ويو

هي به پڙهندا

نوشهروفيروز: سنڌو نواز گهانگهرو ۽ ٻين کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو