سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0
301

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻن ججز جسٽس منصورعلي شاهه ۽ جسٽس جمال مندوخيل فيصلي سان اختلاف ڪيو

 ٻنهي ججز پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ چيو ته چونڊن بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اڳ ئي موجود آهي، چونڊن بابت پاڻمرادو نوٽيس نه پئي ٺهيو، ٽن ججز جي اڪثريت سان عدالت فيصلو ٻڌايو

 چيف جسٽس عمر عطا بنديال فيصلي ۾ چيو آهي ته اسيمبلي ٽٽڻ جي 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ لازمي آهي، چيف جسٽس ٻن ججز جا اختلافي نوٽ به پڙهي ٻڌايا

 سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته گورنر ڪي پي چونڊن جو اعلان نه ڪري ذميواري کان انحراف ڪيو، گورنر ڪي پي صوبي ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري، صدر اليڪشن ڪميشن سان مشاورت ڪري پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري

سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته صدر کي چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار آهي، وفاق ۽ ٻيا ادارا چونڊون ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي معاونت ڪن، وفاق چونڊن لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪري، چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ گذريل ڏينهن ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو هو

هي به پڙهندا

سپريم ڪورٽ: چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ لاءِ سياسي جماعتن کي مشاورت جو حڪم