حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي سربراهه نواز خان زنئور چيو آهي ته سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي مظاهرن هڪ ڀيرو ٻيهر اهو ثابت ڪيو آهي ته سنڌي عوام قومپرستن سان گڏ آهي جنهن عمل کان ڊڄي سنڌ حڪومت قومپرست اڳواڻن مٿان مسلسل ڪيس داخل ڪري رهي آهي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته اهو قدم پ پ حڪمرانن جي وائڙائپ کي پڌرو ڪري ٿو. ڪيس داخل ڪرڻ يا گرفتارين وسيلي ماڻهن کي پنهنجي وطن جي وارثي کان روڪي نه ٿو سگھجي. سنڌ واسين وطن جي بچاءُ لاءِ مشرف جي آمريت سان به مهاڏو اٽڪايو هو ۽ هاڻوڪي سليڪٽيڊ سنڌ حڪومت جي انتقامي ڪيسن کي پڻ منهن ڏيندا. هن چيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه جو اهو بيان افسوسناڪ ۽ شرمناڪ آهي جنهن ۾ هن بحريا ۽ ملڪ رياض کي وڌيڪ زمين ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. هاڻوڪا حڪمران وطن فروشي ۾ مير جعفر کي به مات ڏئي ويا آهن. سنڌي قوم ٻي هر غلطي ته کين معاف ڪري ڇڏيندي پر وطن وڪڻڻ وارن کي معاف نه ڪندي. هن چيو ته بينظير ڀٽو جي جماعت آصف زرداري ۽ مراد علي شاهه جهڙن ماڻهن جي هٿن ۾ اچي وئي آهي جيڪي سنڌ جون زمينون ڌارين کي ڀڳڙن مٺ تي وڪڻي رهيا آهن. ستر سالن جي تاريخ ۾ سنڌ جي ايتري زمين ڌارين جي حوالي ڪانه ٿي جيتري پ پ جي تيرنهن سالن جي دور ۾ ڌارين کي ڏني وئي. هن چيو ته غدار ماڻهو ڌرتي وڪڻندا آهن ۽ محب وطن ماڻھو پنهنجي ماترڀومي کي بچائيندا آهن. سنڌ وطن فروشن ۽ محب وطنن کي ڏسي رهي آهي ۽ وقت جو مؤرخ نئين تاريخ لکي آهي.