ننگرپارڪر (ن پ ا ) ننگرپارڪر ۾ ٻن ڏينهن کان پي ٽي سي ايل، يوفون ۽ موبلينڪ جو نيٽ ورڪ خراب ۽ سروس نه هجڻ سبب صارف پريشانيءَ جو شڪار ٿي ويا. انٽرنيٽ سروس بند هجڻ سبب آفيسن جو ڪار وهنوار سخت متاثر ٿيو. رابطو ڪرڻ تي پي ٽي سي ايل عملدار ٻڌايو ته ٿرڪول بلاڪ ون ۾ ڳوٺ کاريو غلام شاهه وٽ ٽاور ڪري پيو آهي، بحالي ۾ وقت لڳندو. هوڏانهن رهواسين وس وارن کان پي ٽي سي ايل ۽ موبائيل نيٽ ورڪ جي جلد بحاليءَ جو مطالبو ڪيو آهي.