جوھي (ن پ ا) جوهي شهر ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي سبب پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو حل نه ٿيو.، شهر جي نيو ڪالوني وارڊ نمبر 7 جي رهواسين واٽر سپلاءِ پاڻي جي فراهمي نه هجڻ سبب شهري پئسن عيوض پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن پبلڪ هيلٿ کاتي جي ذميوارن خلاف علي محمد عباسي ,عنايت لغاري , رشيد لغاري , نديم لغاري ,اظهار ڀرڳڙي ,عباس جويو , معصوم ٻارن سان گڏجي هٿن ۾ خالي جهريون ۽ ٿانو کڻي مظاهرو ڪيو، جوهي شهر اندر واٽر سپلاءِ جي فراهمي بند واٽر سپلاءِ جو پاڻي برف ڪارخانن کي ڳري رشوت عيوض غير قانوني ڪنيڪشن لڳرائي ڏيڻ سبب شهري ٻيٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، شهر اندر واٽر سپلاءِ جو پاڻي نه پهچڻ سبب شهري مهانگي اگھ تي پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. هنن چيو ته پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي سبب واٽر سپلاءِ جي فراهمي ڪيتري عرصي کان بند آهي، هنن چيو ته شهر جي واٽر سپلاءِ اسڪيم جي مين لائين منجهان غيرقانوني طور برف ڪارخانيدارن کي ڳري رشوت عيوض ڪنيڪشن ڏيڻ سبب جوهي شهر اندر واٽر سپلاءِ جو پاڻي نه ٿو پهچي جنهن سبب شهري پئسن عيوض پاڻي ڀرائڻ تي مجبور آهن.هنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين وس وارن کان گهر ڪئي ته جوهي واسين کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي.