حيات پتافي (ن پ ا) هندن جي روحاني پيشوا سنت شڌا رام جو ميلو شروع ٿي ويو. ميلي ۾ شرڪت لاءِ 97 ڀارتي ياترين جو قافلو حيات پتافي پھچي ويو. عقيدتمندن طرفان شاندار آجيان ڪئي وئي. تفصيل موجب جروار لڳ حيات پتافيءَ ۾ شڌاڻي درٻار جي گاديسر سنت يڊشٽر لال جي ميلي ۾ شرڪت لاءِ 63 مردن ۽ 34 عورت ياترين جو قافلو واگها بارڊر ذريعي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ بعد گذريل ڏينهن حيات پتافي پهچي ويو. شداڻي درٻار کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو. ميلي جون رسمون ٽن ڏينهن تائين جاري رهنديون. ميلي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن. ام سلسليم 50 کان وڌيڪ پوليس پڪٽون پڻ قائم ڪيون ويون آھن. ٽن ڏينهن جي ميلي دوران فري ميڊيڪل ڪئمپ، غريب جوڙن جي شادين سميت پوڄا پاٺ ۽ ٻيون تقريبون رٿيون ويون آهن. ڀارت کان آيل ياترين جو وفد پهرين ڊسمبر تائين گهوٽڪيءَ ۾ ترسڻ بعد 2 ڊسمبر تي واپس ڀارت روانو ٿي ويندو.