ميرپورخاص (رپورٽ: وارث خاصخيلي) ميرپورخاص لڳ زميني تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ ۾ ڪائونسلر قتل، سندس ڀاءُ زخمي، ان ڏس ۾ ميرپورخاص لڳ لغاري پمپ واري علائقي ۾ زمين جي ھلندڙ تڪرار تان لغاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻيھر جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ دوران  گوليون لڳڻ سبب ڪائونسلر غلام حيدر لغاري قتل ٿي ويو، جڏھن ته سندس ڀاءُ غلام قادر لغاري زخمي  ٿي پيو، پوليس پاران مقتول جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ان حوالي سان مقتول جي ڀاءُ محمد خان لغاري پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته يار محمد لغاري واري ڌر سان زمين جو تڪرار ھلندڙ آھي، جڏهن ته اڄ ان ڪيس جي پيشي تي ڀائر ويل ھئا ته يار محمد لغاري ۽ ٻين فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ ڀاءُ قتل ۽ ٻيو ڀاءُ زخمي ٿيو آهي، ھن چيو ته مخالف ڌر گذريل 15 ڏينهن کان مسلسل ڌمڪائي رھيا ھئا، اھڙي شڪايت اسان بار بار حد جي پوليس کي ڏني پر پوليس ڪجھه نه ڪيو، انصاف ڏياريو وڃي.ھوڏانھن ٻنھي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آھي،جڏهن ته پوليس ڪنھن به الزام هيٺ آيل جوابدار کي گرفتار ڪري نه سگهي آهي.