حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد پوليس ٻن جوابدارن کي مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي. سٽي پوليس مطابق سينٽ ميري چوڪ وٽ ٽي جوابدار واردات جي نيت سان گهمي رهيا هئا. پوليس کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته جوابدارن فائرنگ ڪئي. جوابي فائرنگ ۾ ٻه جوابدار زخمي ٿي پيا جن کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته سندن هڪ ساٿي فرار ٿي ويو. زخمي جوابدارن جي سڃاڻپ عمران آرائين ۽ آصف گل اعواڻ طور ٿي. زخمي جوابدارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس مطابق جوابدارن جو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي. زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدارن وٽان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن.