ٽنڊوالهيار(رپورٽر) ٽنڊوالهيار جي شهرين سان مبينا طورهڪ ارب کان وڌيڪ جو فراڊ ڪري فرار ٿيندڙ محسن خانزادو ٽنڊوالهيار سول جج جي عدالت ۾ پيش ٿي ويو. ٽنڊوالهيار سول جج جي عدالت  محسن خانزادي کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي ٽنڊوالهيار جي سب جيل جي ڪسٽڊي ۾ ڏئي ڇڏيو ٽنڊوالهيار جي ٿاڻي تي  محسن خانزادي تي زاهد جمن لنڊ 97 لک جي فراڊ جو ڪيس داخل ڪرايو جنهن کان علاوه 50 کان وڌيڪ ماڻھن جون هن خلاف درخواستون ٽنڊوالهيار جي اي سيڪشن ٿاڻي تي جمع هجڻ جوانڪشاف ٿيو آهي.  محسن خانزادي جو عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي اطلاع تي هن هٿان ڦريل ڪيترائي ماڻھون عدالت ٻاهران جمع ٿي ويا جنهن کي عدالت پاران رمانڊ تي پوليس حوالي ڪرڻ بعد کيس پوليس جي ڪڙي نگراني ۾ ڪرونا ۽ ٻيون سندس ٽيسٽون ڪرائڻ لا۽ سول اسپتال پهنچايو ويو.