پنگريو (ن پ ا) سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي اليڪشن جي سلسلي ۾ خالد راجپر، خطائي ٿيٻو، احمد سولنگي، جاويد جبار ۽ فراق ھاليپوٽو پنگريو ۾ سنڌي ادبي سنگت سيڪريٽري سليم سمون ۽ عزيز کوسو سان مليا، انھي موقع تي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي صدر احمد سولنگي صحافين سان ڳالھائيندي چيو  سنڌي ادبي سنگت اسان جي گڏيل ملڪيت آھي اليڪشن جھموريت جو حسن آھي اسان لا۽ اليڪشن ۾ بيٺل سڀئي دوست محترم آھن. اسان وطن دوست پينل لا۽ ووٽ ڏيڻ لاءِ دوستـن کي عرض ڪري رھيا آھيون، اسان جو پينل کٽي اچي ته ھتي  ڪوشش ڪنداسين تہ ننڍڙي ادبي  ويھڪ ڪجي ۽ ادبي سنگت کي متحرڪ ڪجي، احمد سولنگي وڌيڪ چيو تہ سنڌي ادبي سنگت اسان جي گڏيل ملڪيت آھي، سنڌي ادبي سنگت  ڪو گروپ ناھي،  بلڪي اسان سڀ ادبي سنگت جي سفر جا مسافر آھيون، جھموري طريقي سان چونڊ  جي عمل کي مڪمل ڪرڻ لاء ٻہ الڳ پينل آھن جيڪي اليڪشن وڙھندا جنھن جي چونڊ 27 نومبر 2022 حدرآباد م ٿيندي