سنبل اقبال ڪورونا جو شڪار ٿي وئي

0
332

ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي خوبصورت اداڪارا سنبل اقبال ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي آهي. تفصيل موجب اداڪارا سنبل اقبال پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪري مداحن کي اطلاع ڏنو آهي ته منهنجي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچي وئي آهي انڪري آئون هاڻي گهر۾ آئسوليٽ آهيان. سنبل اقبال چيو ته مداحن کي اپيل ڪريان ٿي ته منهنجي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪن ۽ پنهنجو پڻ خيال رکن خاص طور ايس او پيز جي پابندي ڪئي وڃي.