پي ٽي آءِ هاڻي سنڌ جي عوام تائين پيغام پهچائڻ جي حڪمت عملي جوڙي رهي آهي: شاهه محمود قريشي

0
172
اميد ڪجي ٿي ته دنيا

ڪراچي(م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف خيبر پختونخوا، پنجاب ۽ مرڪز کانپوءِ گلگلت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير تائين پکيڙجي چڪي آهي، ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير کانپوءِ هاڻي سنڌ ۾ عوام تائين پنهنجو پيغام موثر انداز ۾ پهچائڻ جي حڪمت عملي ٺاهي رهي آهي، واضح رهي ته هن کان اڳ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد به دعويٰ ڪري چڪا آهن ته مستبقل ۾ سنڌ ۾ به پي ٽي آءِ جي حڪومت هوندي.