شڪارپور: نوجوان پر اسرار نموني گولي لڳڻ سبب مارجي ويو

0
244

شڪارپور(ن پ ا) خانپور شھر جي سيٺار پاڙي ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي رپورٽر صفي الله سيٺار جو نوجوان ڀاڻيجو توفيق سيٺار گھر اندر مبينا گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، نوجوان توفيق سيٺار کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، وارث لاش ضروري ڪارروائي لاءِ خانپور اسپتال آندو ويو جتان پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته مامري جي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.