عائزا خان جي ڊرامي لاپتا جي پهرين قسط ئي تنقيد جي نشاني تي اچي وئي

0
197

ڪراچي(شوبز نيوز) سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي جي ميمبر شرفيلا فاروقي عائزا خان جي ڊرامي ۾ جنسي حراساني جي حساس موضوع کي لاپرواهي سان ڏيکارڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.عائزا خان جي تازو شروع ٿيل ڊرامي ”لاپتا“ جي هڪ سين تي شرميلا فاروقي تنقيد ڪئي آهي، اداڪارا ڊراما ۾ گيتي نالي ٽڪ ٽاڪر جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ڊرامي جي هن وقت رڳو هڪ ئي قسط ڏيکاري وئي آهي جنهن جي هڪ سين تي ماڻهن اعتراض ڪيو آهي.ڊرامي جي سين ۾ اداڪارا کي هڪ دڪان تان خريداري ڪندي ڏسي سگهجي ٿو ۽ جڏهن دڪاندار کانئس پنهنجي رهيل پئسن جي گهر ڪري ٿو ته گيتي ان کي سوشل ميڊيا جي طاقت جو مظاهرو ڏيکاريندي وڊيو ٺاهڻ شروع ڪري ڏئي ٿي ۽ انکي بليڪ ميل ڪري ٿي جنهن تي دڪاندار پريشان ٿي پنهنجي رهيل پئسن واري ڳالهه تان ڦري وڃي ٿو.ڊرامي جي ان سين تي جتي گهڻن ماڻهن اعتراض ڪيو آهي اتي شرميلا فاروقي به ڪنهن کي حراسان ڪرڻ جي ڪوڙي ڊرامي کي ايتري لاپرواهي سان ڏيکارڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.هن سوشل ميڊيا تي لکيو آهي ته ڊرامي لاپتا جي هڪ ڪلپ مونکي حيران ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ اداڪارا کي گيتي جي ڪردار ۾ هڪ دڪاندار کي بليڪ ميل ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.شرميلا لکيو آهي ته يقين ڪيو ته حراساني هڪ تڪليف ڏيندڙ حقيقت آهي ۽ توهان کي تباهه ڪري ڇڏيندي آهي، اسان جي ملڪ ۾ عورتون پنهنجي مٿان ٿيندڙ ظلم سبب دوزخ مان گذري رهيون آهن، اهڙي قسم جي ڊرامن جن ۾ بي حسي جو مظاهرو ڪيو وڃي کي اهڙي صورتحال جي ذميواري کڻڻ گهرجي.ماڻهو ڊرامن ۽ انهن ۾ ڪم ڪندڙ اداڪارن کي ڏسي انهن کي سچ سمجهندا آهن، توهان ماڻهن کي ڪهڙو پيغام ڏئي رهيا آهيو؟ اهڙي قسم جا ڊراما حالتن کي وڌيڪ خراب ڪري سگهن ٿا.ان سان گڏ شرميلا فاروقي اداڪارا عائزا خان جي ٻين ڊرامن ۾ ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي.