ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران صوبي جون سموريون آرٽس ڪائونسلون ڪراچي آرٽس ڪائونسل جي  ماتحت ڪرڻ تي غور، ڪراچي آرٽس ڪائونسل جي صدر کي آڇ ڪئي وئي،  ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ 23 ڏينهن واري عوامي ٿيٽر فيسٽيول جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي ثقافت ۽ تعليم واري وزير سيد سردار شاھ چيو ته دھشتگردي  کي روڪڻ جو واحد ھٿيار ثقافت آھي، 80 ع واري ڏھاڪي ۾ ضياءَ اسانکي جيڪي گھاءُ ڏنا، انهن گھائن کي ڀرڻ لاءِ ڪائونٽر ڪلچرل نيريٽو ذريعي اسين سماج ۾ امن کي پروان چاڙھي سگهون ٿا، ھن چيو ته آرٽ لاءِ جيترو ڪرڻ گھرجي ھا، اسان  ايترو نه ڪري سگھيا آھيون، هيلٿ انشورنس لاءِ  رھجي ويل سمورن آرٽسٽن کي رجسٽرڊ ڪيو ويندو  ھن چيو ته مون وٽ تعليم کاتو به آهي ، ھاءِ اسڪولن ۾ آرٽ شامل ڪيو آھي، جلد 1500 ميوزڪ  ٽيچر ڀرتي ڪنداسين، هن چيو ته  سڄي سنڌ جي آرٽس ڪائونسلن کي سب ڪلب بڻايو وڃي، ڪراچي آرٽس ڪائونسل انھي کي ليڊ ڪري، ھن اعلان ڪيو ته ٿيٽر فيسٽيول ۾ ھر ٿيٽر کي 50 ھزار رپيا ڏنا ويندا،فيسٽيول ۾  سنڌي، اردو، سرائيڪي ۽ ميمڻي  سميت ستن ٻولين ۾ مجموعي طور 26 ٿيٽر پيش ڪيا ويندا،اھو فيسٽيول 7 جولاءِ تائين جاري رھندو