ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ختم نه ٿي، مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.ان ڏس ۾ جهوڪ شريف جي گنج بحر ڪئنال ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن اشرف جتوئي، علي حسن ناريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ چورواھ موري تي ڌرڻو هنيو.دوداپور ۾ جمعيت علماءِ اسلام ڪارڪنن ۽ آبادگار مولانا ڪريم بخش پندراڻي، محڪم الدين بروھي ۽ مختيارکوسو جي  اڳواڻي ۾احتجاج ڪيو.نوابشاهه ۽ گپچاڻي ۾ جهيمل شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن 9 ڏينهن به پاڻي کوٽ خلاف محمد مريد کوسو، امير مغيري، پناھ رند، علينواز کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ۽ ماتم ڪري ڌرڻو هنيو.ميرپور بٺورو ۾ شيراز زئور، قومي پارٽي جي قادر بخش زئور شهريار ميمڻ، اسحاق دوراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بٺورو باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو ويو.اڳواڻن جو چوڻ هو ته پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري سنڌ کي بنجر بڻايو پيو وڃي.