ڪراچي (نمائندن وٽان) لاڙڪاڻي ۾ ڪتن وڌيڪ 15 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪيو آهي، جن ۾ 4 ورهين جي  صبا بيبي، 32 ورهين جو صغير، 40 ورهين جو نثار احمد، 45 ورهين جو ڪريم بخش ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي وارثن چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو جتي سمورن زخمين کي ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان سينٽر انتظاميه ٻڌايو ته رولو ڪتن جي ڏاڙهيل متاثرن جو واسطو لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀروارن علائقن سان آهي، سينٽر تي آيل سمورن زخمين کي بروقت ويڪسين لڳائي علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو آهي،ڀٽ شاھ ۾ ڪتن ٽن ڄڻن 8 ورھين جي جمشيد لغاري، 10 ورھين جي ثمر ٻگھيو ۽ 6 ورھين جي نينگري نويدان کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو، جن کي صحت مرڪز پھچايوويو.