ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس گهران نڪري پنجاب ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ شاگردياڻي دعا زهره جي اغوا ڪيس کي سي ڪلاس ڪري چالان جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي  عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، ، پوليس پاران جمع ڪرايل چالان ۾  چيو ويو آهي ته هن وقت تائين ٿيل جاچ  توڙي  دعا زهره  جي بيان جي روشني ۾ هو پنهنجي مرضي سان پنجاب وئي هئي، دعا زهره جي عمر بابت ايم ايل او پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته سندس عمر 16 کان 17 سال آهي، دعا جي ننڍي عمر ۾ اغوا جو ڏوهه ثابت نٿو ٿئي،  چالان موجب دعا زهره جي شادي لاهور ۾ ٿي آهي، سندس نڪاح سنڌ ۾ ناهي ٿيو، تنهنڪري جوابدارن تي سنڌ چائلڊ ميريج ايڪٽ لاڳو نه ٿو ٿئي،  چالان ۾ چيو ويو آهي ته دعاسنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ مقامي مئجسٽريٽ اڳيان بيان به رڪارڊ ڪرائي چڪي آهي، تنهنڪري ڪيس ۾قلم 216 لاڳو ٿي نٿو سگهي، ڪيس ۾ گرفتار جوابدار غلام مصطفيٰ ۽ اصغر بي گناهه آهن،  ٻنهي جوابدارن کي ڪسٽڊي ۾ رکڻ ناانصافي هوندي، جوابدارن کي ڪيس مان ڊسچارج ڪري ڪيس سي ڪلاس ڪيو وڃي ٿو. عدالت کي استدعا آهي ته ڪيس جو چالان منظور ڪيو وڃي. هوڏانهن ڪراچي جي اغوا ڄاڻايل نمره ڪاظمي  واري ڪيس ۾ نجيب شاهه رخ ۽ نمره جا وارث صلح لاءِ تيار ٿي ويا، جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ نمره ڪاظمي جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران پوليس نمره ڪاظمي جي مڙس نجيب شاهه رخ کي پيش ڪيو، سندس وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته نمره جي والدين سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي، نمره جي والدين شاهه رخ کي ناٺي تسليم ڪري ورتو آهي، اڄ يا سڀاڻي ڪنهن متفقه نتيجي تي پهچي وينداسين. وڪيل وڌيڪ چيو ته  ٻنهي خاندان ۾ صلح بابت حلف نامو لاڳاپيل عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏينداسين، جنهن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 2 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ٻاهران نجيب شاهه رخ جي ماسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان نمره جي والدين جاسمورا شرط قبول ڪري ورتا آهن، نجيب شاهه رخ هاڻ ڪراچي ۾ ئي رهندو، نمره جاڀاتي  شاهه رخ کي گهر ناٺي ڪرڻ چاهين ٿا پر نمره  اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ناهي. ان موقعي تي دعا زهرا ڪيس بابت سوال جي جواب ۾ آءِ جي سنڌ چيو ته معاملو ختم ٿي چڪو آهي ۽ نياڻي جو معاملو آهي ان تي نه ڳالهايو وڃي ته بهتر آهي.