حيدرآباد (بيورو رپورٽ) اينٽي ڪرپشن سينٽرل ڪورٽ جوهي واسي کي  بحرين وڃڻ لاءِ جعلي ويزا ڏيڻ واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ضمير حسين کونهارو جي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. ايف آءِ اي ڪرائيم سرڪل حيدرآباد هٿان گرفتار جوابدار ضمانت لاءِ درخواست ڏني هئي. عدالت دليل ٻڌڻ بعد هڪ لک رپين عيوض ضمانت منظور ڪري ڇڏي. 16 مئي تي جوهي واسي عبدالحميد نائچ جي فرياد تي 2 جوابدارن خلاف فراڊ جو ڪيس داخل ڪيو هو. ڪيس ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو ته هن 23 نومبر 2021ع تي جوابدار ضمير حسين کونهارو ۽ چيزل شاهه کي بحرين جو ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ لک 90 هزار رپيا ڏنا هئا جڏهن ته کانئس جوابدارن ميڊيڪل لاءِ هڪ لک، 36 دينار بحرين ۾ ڪورونا ٽيسٽ ۽ ڪراچي ۾ ڪورونا ٽيسٽ لاءِ 7 هزار جڏهن ته رهائش لاءِ 20 هزار رپيا رقم به ورتي وئي. فريادي موجب ته کانئس ايف آءِ اي عملي جي نالي تي به 10 هزار رپين سميت مجموعي طور 3 لک 20 هزار کان وڌيڪ رقم وٺي فراڊ ڪيو ويو تنهن باوجود جوابدارن کيس جعلي ويزا ٺهرائي ڏنو جنهن بعد بحرين ويندي هو گرفتار ٿيو ۽ هن ڪجهه عرصو جيل به ڀوڳيو. ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدار لڪي ويا هئا.