ممبئي(شوبز نيوز) اداڪارا سومي علي سلمان خان سان گڏ گذاريل 8 سالن کي بدترين قرار ڏئي ڇڏيو. بالي ووڊ جي اڳوڻي اداڪارا ۽ سوشل ورڪر سومي علي سوشل ميڊيا تي بيان ۾ چيو ته سلمان خان مون مٿان تشدد ڪندو هو، هن سان گڏ گذاريل 8 سال منهنجي زندگي جو بدترين وقت هو. سومي علي وڌيڪ چيو ته سلمان خان سالن تائين مونکي دنيا اڳيان پنهنجي گرل فرينڊ تسليم نه ڪيو، سلمان خان سان گڏ رهندي ڪو ڏينهن اهڙو نه گذرندو هو جڏهن اهو مونکي بيوقوف، جاهل ۽ بيڪار نه چوندو هجي. سومي علي چيو ته سلمان خان مونکي بدصورت هئڻ جو طعنو ڏيندو هو ۽ مونسان لاڳاپا هئڻ جي باوجود به ٻين عورتن سان افيئر رکندو هو. دوستن اڳيان منهنجي بيعزتي ڪندو هو ۽ اهو چوندو هو ته مرد افيئر هلائي سگهن ٿا پر عورتون نه ٿيون هلائي سگهن.