آسٽريليا(انٽرسٽنگ نيوز) سائنسدانن جي مشاهدي موجب هڪ پکيءَ حيرت انگيز طور تي مختصر وقت ۾ لڳ ڀڳ 13560 ڪلو ميٽرن جو ڊگهو فاصلو طئي ڪري ورتو آهي جنهن جي تصديق گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ڪئي آهي. جيڪڏهن بارٽيلڊ گوڊوٽ نالي پکي ڊگهن فاصلن تائين لڏپلاڻ ڪرڻ جا ماهر هوندا آهن ۽ زبردست رفتار سان هڪ کان ٻئي هنڌ پهچي ويندا آهن. پر ماهرن بارٽيلڊ گوڊوٽ نسل جي هڪ نوجوان پکي تي سينسر لڳائي هن جي اڏام نوٽ ڪئي ته خبر پئي ته اهو الاسڪا کان اڏام ڪئي ۽ هزارين ڪلو ميٽر سفر ڪري آسٽريليا جي رياست تسمانيه وڃي پهتو. ان دوران هن زمين تي قدم نه رکيو، کاڌو نه کاڌو ۽ نه ئي آرام ڪيو. ان پکيءَ تي نشاني لاءِ هڪ ٽيگ لڳايو ويو هو جنهن جو نمبر 234684 آهي ۽ ان لنڊن کان نيويارڪ تائين اڍائي چڪر لڳايا آهن. پکي تي 5 جي معيار جو سيٽلائٽ ٽيڪ لڳايو ويو هو جنهن جنهن سان هن جي نشاندهي ٿيندي رهي. هن پکيءَ 13 آڪٽوبر 2022ع کي پنهنجو سفر الاسڪا کان شروع ڪيو ۽ لاڳيتو 11 ڏينهن ۽ هڪ ڪلاڪ تائين اڏامندي تسمانيه جي زمين تي لٿو هو.