ڪراچي(شوبز نيوز) مشهور اداڪارا منشا پاشا هلندڙ دور ۾ اداڪارن جي جوڙين وچ ۾ ٿيندڙ طلاقن جي وڌندڙ رجحاڻ ۽ پنهنجي پهرين شادي بابت خيالن جو اظهار ڪيو آهي. هڪ ويب شو دوران ڳالهائيندي منشا پاشا اعتراف ڪيو ته لاڳيتو ڪم سبب اداڪار ذهني دٻاءُ جو شڪار رهندا آهن، گهڻن اداڪارن جي ذهني صحت سٺي نه آهي، اداڪار ڪيمرا اڳيان لڳاتار پنهنجي جذبات سان کيڏندا آهن. اداڪارا چيو ته ان جو اثر انهن جي ذاتي زندگي تي پوڻ لڳندو آهي، اهي پنهنجي حقيقي زندگي کي به اداڪاري جيان ڏسڻ لڳندا آهن. هن چيو ته عام طور تي ٿيندو ايئن آهي جو اداڪار هڪ ٻئي کي مڪمل طور تي ڄاڻڻ سڃاڻڻ کانسواءِ شادي ڪري ڇڏيندا آهن، تمام ماڻهو ان لاءِ به ايئن ڪندا آهن ڇوته اهي گڏ سٺا نظر ايندا آهن. منشا پاشا چيو ته جيڪڏهن ڪنهن اداڪار ۽ اداڪارا جي جوڙي کي اسڪرين تي پسند ڪيو ويندو آهي ۽ مداح انهن جي تعريف ڪندا آهن ته رڳو ماڻهن جي ڳالهين ۾ اچي اهي سوچڻ سمجهڻ کان سواءِ شادي ڪندا آهن.