امريڪا سعودي عرب کي پرڏيهي خطرن کي نظر ۾ رکندي اُن جي دفاع جو عزم ورجايو آهي، امريڪي بچاءَ واري کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب کي پرڏيهي خطرا آهن، امريڪا سعودي جو ڀرپور دفاع ڪندو
ميڊيا رپورٽس موجب پيناگون طرفان جاري ڪيل بيان ۾ امريڪا ۽ سعودي اسٽريٽيجڪ جوائنٽ پلاننگ ڪميٽي جي ملاقات بعد امريڪا اهڙو بيان جاري ڪيو آهي
اسٽريٽيجڪ ڪميٽي جي ملاقات ۾ امريڪي وفد جي قيادت انڊر سيڪريٽري دفاع ڪولن ڪال ۽ سعودي وفد جي سربراهي دفاع واري نائب واري خالد بن سلمان ڪئي
On HRH the Crown Prince’s directive, I met with @SecDef to review the Saudi-U.S partnership, and ongoing strategic military cooperation between our two friendly countries. pic.twitter.com/kHyIuptfWr
— Khalid bin Salman خالد بن سلمان (@kbsalsaud) May 18, 2022
ميڊيا رپورٽس موجب ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي پارٽنر شپ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ سميت مختلف معاملن جي بهتري جو عزم ڪيو ويو
پينٽاگون موجب سعودي عرب جي نائب وزير امريڪا طرفان سهڪار جي آڇ تي سندن ٿورا پڻ مڃيا