نيب چيئرمين بدلين ۽ مقررين تي پابندي لڳائي ڇڏي

0
202
نيب جي اڳوڻي چيئرمين پبلڪ

اسلام آباد: نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال نيب ۾ مقررين ۽ بدلين تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، نيب طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب جيڪي تازيون بدليون ۽ پوسٽنگ ٿيون آهن، انهن تي فوري طور عملدرآمد روڪيو ويو آهي

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته چيئرمين نيب جي هدايت تي نيب هيڊ ڪوارٽرز ۽ بيورو سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪن

واضح رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ هاءِ پروفائيل ڪيسز ۾ آفيسرن جي مقررين ۽ بدلين تي پابندي لڳائيندي بليڪ لسٽ مان ڪڍيل نالن جي فهرست پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو

ھي به پڙھندا

عمر ڪوٽ ۾ پ پ جي ڊي اي اميدوار تي اعتراض واري ڇڏيو، ڇڪتاڻ، آر او پاران فيصلو محفوظ