هي تصوير ان سنڌو ماٿري جي آهي، جنهن جو نالو دنيا جي گولي تي شان ۽ مان سان نروار آهي، هن ڌرتي وٽ اهي سمورا وسيلا آهن، جيڪي هڪ شاهوڪار ديس ۾ هجڻ گهرجن، هن ديس وٽ تيل، گيس، ڪوئلو، درياءُ، نديون، ريگستان، زراعت، باغ ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ته آهي پر اٽو ڪونهي! اٽو، لٽو ۽ اجهو حسرت بڻيل آهي، اٽو ايترو مهانگو ڪيو ويو آهي جو گرنهه ڳڻي ڳڻي کائڻا پون ٿا، ميرپورخاص ۾ هي پورهيت روشن  ڪولهي ٻچن جي پيٽ جي بک اجهائڻ لاءِ سستي اٽي جي پويان نڪري پيو، چون ٿا ان کي سستو اٽو ته نه مليو پر موت ملي ويو، اسٽال تي سستي اٽي کي حسرت سان ڏسندو رهيو ۽ پيهه ۾ لتاڙجي سندس روح پرواز ٿي ويو، بک جي باهه ۾ سڙندڙ پورهيت جا ٻار هاڻ پيءُ جي لاش تي ماتم ڪن ٿا ۽ هانءُ ڏاريندڙ آهون ڪري چون ٿا اي ابا، جيڪڏهن اسان کي خبر هجي ها ته ماني ايتري مهانگي پوندي ته توکي اٽي جي ڳولا ۾ ڪڏهن به نه موڪليون ها. (سٽون: قيوم سروهي)