ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ اٽي جي کوٽ انساني جانيون کسڻ لڳي، ميرپور خاص ۾ سستو اٽو وٺڻ آيل پورهيت پيهه سبب چيڀاٽجي فوت، وارثن جو لاش رکي 4 ڪلاڪ ڌرڻو، سڪرنڊ ۾ فلور ملز ٻاهران رش ۾ نينگري ۽ 2 عورتون لتاڙجي زخمي، ان ڏس ۾ ميرپورخاص جي پارڪ گلستان بلديه ۾ اسٽال تان سستو اٽو خريد ڪرڻ لاءِ آيل مالھي ڪالوني واسي پورھيت هر سنگھه ڪولھي ماڻھن جي پيھه سبب چيڀاٽجي ٿڏي تي فوت ٿي ويو، واقعي بعد وارثن فوتي پورھيت جو لاش پريس ڪلب آڏو رکي 4 ڪلاڪ ڌرڻو ھنيو، ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ ڊي سي ميرپورخاص وفد سان گڏ پھتو، ڳالھيون ناڪام ٿيڻ بعد روانو ٿي ويو، وارثن جو چوڻ ھو ته فوتي ھرسنگھه مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندو هو، کيس 7 نياڻين ۽ ٻن پٽن جو اولاد آهي، اٽو مھانگو ملڻ سبب سستو اٽو خريد ڪرڻ آيو هو، جتي ماڻھن جي رش سبب هو چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، ھنن چيو ته فلور ملز جي گاڏين تي مقرر ماڻھو من پسند ماڻهن ۽ دڪاندارن کي اٽو ڏئي رهيا آهن، ھوڏانھن سماجي اڳواڻ واجد لغاري ۽ ايس يو پي اڳواڻ منظور ميمڻ چيو ته واقعو انتظاميا جي غفلت سبب پيش آيو آهي، فلور مل مالڪن، خوراڪ کاتي جي عملدارن ۽ ضلعي انتظامي عملدارن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ گھرجي، هوڏانهن  سڪرنڊ ۾ فلور ملز مان سستو اٽو وٺڻ لاءِ آيل هڪ نينگري ۽ 2 عورتون پيهه هجڻ ڪري هجوم هيٺان اچي لتاڙجي زخمي ٿي پيون، زخمي عورتن ۾ مسمات ڪاجل، مسمات پٺاڻي ۽ 8 سالا ڪويتا شامل آهن، پيهه سبب نينگري جون ٻئي ٽنگون ڀڄي پيون، زخمين کي تعلقي اسپتال سڪرنڊ آندو ويو، عورتن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته غريب آهيون، اٽو مهانگو هجڻ ڪري فلور مل ٻاهران لائين ۾ بيٺل هياسين ته لتاڙجي زخمي ٿي پيون سين

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ اٽي جو شديد بحران، اگهه ويتر وڌي ويا، مختلف شهرن ۾ کوٽ ۽ اگهن ۾ واڌ خلاف  مظاهرا، ڌرڻا، ريليون، روڊ بند، خبر موجب ڪورنگي ۾ اٽي جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف شهرين ڪورنگي اڍائي نمبر ڊي سي آفيس آڏو ۽ بلال چورنگي تي ڌار ڌار مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا، اٽي لاءِ پريشان مردن، عورتن ۽ ٻارڙن مين دارالسلام روڊ ۽ ڪورنگي لانڍي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو،  بعد ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن پهچي  مظاهرين سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو، حيدرآباد ۾ اٽي جي اگهه ۾ اضافي خلاف پي ٽي آءِ ليبر ونگ پاران پريس ڪلب سامھون ڪاشف آفريدي، صديق لوڌي ۽ طارق عزيز جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو، نصيرآباد ۾ عوامي ورڪرز پارٽي پاران ڪامريڊ سينگار نوناري ۽ حبدار چنجڻي جي اڳواڻي ۾ فاضل راهو چوڪ کان آرٿر برانچ تائين ريلي ڪڍي وئي، شهيد ڀٽو اڳواڻن به احتجاج ۾ شرڪت ڪئي، صوفي فقير ويجهو راجارستي شھر ۾ اٽي جي واڌو اگهن خلاف شھرين مجتبيٰ پلي، مير محمد، عاشق علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عمرڪوٽ ميرپور خاص روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو، پڊعيدن ۾ سستو اٽو نه ملڻ خلاف پورهيتن فهد ملڪ، ارشاد بڙدي، اختر مري، حسين بخش مري ۽ علي گل ملڪ جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، ميروخان ۾ جسقم ڪارڪنن صوبدار جتوئي، محمد حسن جتوئي، رضوان تونيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ، ميهڙ ۾ اٽو مهانگو ٿيڻ خلاف شهري اتحاد پاران مظاهرو ڪيو ويو، شيخ ڀرڪيو ۾ اٽي جي بحران خلاف نوجوان اتحاد پاران بابر شيخ، امام علي ٿهيم، ذولفقار خاصخيلي، اصغر خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ھالا ۾ اٽي جي کوٽ ۽ مهانگي خلاف مختلف برادرين سان تعلق رکندڙ سوين مردن ۽ عورتن قومي شاهراهه تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي.