اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ معاشي بحران جو خطرو آهي پرڏيهي قرضن جي ادائيگي سان مٽاسٽا ناڻي جي ذخيرن ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ذخيرا اٺ سال نوَ مهينن جي سڀ کان گهٽ سطح تي اچي ويا آهن. مليل رپورٽن موجب پاڪستان گڏيل عرب رياستن جي بئنڪن جا قرض واپس ڪري ڇڏيا جنهن بعد مٽاسٽا ناڻي جا ذخيرا وڌيڪ گهٽجي ويا آهن. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب مُلڪي مٽاسٽا ناڻي جا ذخيرا  1.2 ارب ڊالر وڌيڪ لاٿ بعد 4.5 ارب ڊالر تي پهتا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته مٽاسٽا ناڻي جا ذخيرا  هڪ مهيني جي امپورٽ کان به گهٽ آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ايمرٽس بئنڪ کي سٺ ڪروڙ ڊالرز ۽ دبئي اسلامڪ کي 42 ڪروڙ ڊالر جو قرض واپس ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي سڀاڻي کان جنيوا ۾ شروع ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ پرڏيهي امداد جو سهارو گهربل آهي، جنيوا ڪانفرنس ۾ 1.5 ارب ڊالر حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ذريعن موجب انهن ۾ به سعودي عرب ۽ چين جا 3 ارب ڊالر آهن جنهن جو مطلب ته پاڪستان جي ناڻي ذخيرن ۾ پنهنجا رڳو هڪ ارب ڊالر بچيا آهن. جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن وٽ به 5 ارب ڊالرن جا ذخيرا آهن.