لاهور(م ڊ) پنجاب ۾ به اٽي جو بحران آهي ۽ اگهن ۾ واڌ ٿي رهي آهي. پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي اٽي جي اگهن ۾ لاڳيتي واڌ تي خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر تي سخت ڪاوڙ ڪئي آهي. هن اجلاس ۾ کين اٽي جي فراهمي معمول تي آڻڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته اسان عوام سان گڊ گورننس جو واعدو ڪيو آهي ڪڻڪ جي ڪوٽا ۽ امدادي قيمت به وڌائي پوءِ به اهو حال ڇو آهي؟ فوري طور تي قيمتن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ۽ منافعي خورن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. ميڊيا رپورٽن موجب بحران جي ذميوار حڪومت آهي جنهن دير سان ڪڻڪ ٻاهران گهرائي. پنجاب ۾ اٽو 5200 رپيا مڻ ۽ 15 ڪلو 2100 رپين جو آهي.