ٺٽو ( رپورٽر ) پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو چيو آهي ته روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز پاران هر سال جيان هن ڀيري به ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان سنڌ سان درد جو رشتو جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي نانءُ ڪندي ملهايو پيو وڃي ۽ هنن جون پڻ ايڪتا ڏهاڙي ملهائڻ جي سلسلي ۾ تياريون شروع آهن . مڪلي ۾ صحافي دريانو مل جي والده جي وفات تي ساڻس تعذيت ڪرڻ بعد پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايڪتا جي ڏهاڙي جو باني سينيئر صحافي ۽ تجزئي نگار علي قاضي آهي هن چيو ته سنڌ جي ايڪتا جو ڏهاڙو نه رڳو ٻڌي ۽ ايڪي جو ڏهاڙو آهي پر ايڪتا جي ڏهاڙي ملهائڻ سان وڏي پئماني تي سنڌ جي ثقافت دنيا سطح تي اجاگر ٿي رهي آهي. هن چيو ته برسات ۽ ٻوڏ سبب سنڌ جي متاثرن جي بحالي لاءِ پ پ جي سنڌ حڪومت هر ممڪن اپاءَ وٺي رهي آهي انهن جي گھرن جي تعمير ۽ فصلن لاءِ پڻ سنڌ حڪومت پاران سروي جو ڪم جاري آهي. جلد سروي جي ڪم مڪمل ٿيڻ سان ئي آبادگارن هارين کي رقمن جي ادا.ئيگين سان گڏ ٻوڏ متاثرن جي گھرن جي ٻيهر اڏاوت لاءِ پڻ امدادي رقم ڏني ويندي. هو 4 ڊسمبر واري ايڪتا جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان گڏ سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي ڏکن ۾ پڻ برابر جو شريڪ ٿي ساڻن يڪجهتي جو اظهار ڪندا. ان موقعي تي ڪرمچند ٿانوراڻي، گھنشام مل، فاروق پليجو ۽ ٻيا موجود هئا