حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد پوليس جا ٻه ڌار ڌار مبينا مقابلا،  2 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، رپورٽ مطابق حيدرآباد پوليس ٻن ڌار ڌار پوليس مقابلن ۾ ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس مطابق هڪ مقابلو راهوڪي ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو جتي مرزا باغ وٽ واردات جي نيت سان بيٺل ڦورن جي گروھ پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي. جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار سراج سومرو زخمي ٿي پيو جنهنکي گرفتار ڪري اسپتال منتقل ڪيو ويو. سندس ساٿي فرار ٿي ويا. گرفتار جوابدار ڦرلٽ، چورين، پوليس مقابلن ۽ غيرقانوني هٿيار رکڻ جي ڪيسن ۾ گهربل رهيو آهي. پوليس سان ڏوهارين جو  ٻيو مقابلو حالي روڊ ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو جتي ڏوهارين جو هڪ ٽولو آمريڪن ڪوارٽرز لال ٽانڪي وٽ واردات جي نيت سان بيٺل هو. ڦورن جي گروھ پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي ۽ جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار رياض السلام عرف مٺو زخمي ٿي پيو جنهنکي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته سندس ٻيا ساٿي فرار ٿي ويا. زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل جوابدار بابت پوليس جو چوڻ آهي ته هو عادي ڏوهاري آهي. ان کان اڳ 21 سيپٽمبر 2021ع تي به ساڳيو جوابدار پوليس مقابلي دوران زمي حالت ۾ گرفتار ٿي چڪو آهي. ڪينٽ ٿاڻي جي حد ۾ به چوري جي واردات دوران ساڳيو جوابدار گرفتار ٿيو هو. جوابدار رياض الاسلام عرف مٺو  ڦرلٽ، چوري، منشيات ۽ پوليس مقابلن جهڙن 14 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گهربل رهيو آهي. وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.