پيارو اسٽيشن (ن پ ا ) اومني گروپ جي نيو دادو شگر ملز پيارواسٽيشن ڪمند جي پيڙھائي جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. شگر ملز انتظاميا سنڌ سرڪار جي مقرر ڪيل ريٽ 302 واري نوٽيفڪيشن کي هوا ۾ اڏائي ڇڏيو ۽ پنهنجو من پسند اگھه 250 رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي آبادگارن پاران ڪمند جي ڪٽائي بند ڪئي وئي آهي، مل انتظاميا جي اهڙي عمل خلاف آبادگارن ۽ هارين ۾ مايوسي جي لهر ڇانئيل آهي. ان ڏس ۾ آبادگارن هارون پنهور، عبدالروف پنهور ، لياقت درويشاڻي ، محمد رمضان پنهور ۽ ٻين آبادگارن پنهنجي اخبار سان ويچار ونڊيندي چيو ته مل انتظاميا اسان سان غلط بياني ڪري ڪمند جي ڪٽائي ڪرائي اسان سان ناجائزي ڪئي آھي ۽ اسانکي  ڪمند جو اگھ گهٽ ڏنو پيو وڃي هن ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جي دور ۾ ڀاڻ زرعي دوائون ۽ مزدوري مهانگي پوڻ سبب اسان کي هن فصل مان ڪو به فائدو نٿو پوي انڪري اسين هاڻي ڪمند جو فصل نه پوکينداسين ان فصل جي عيوض اسين ٻيا فصل پوکائي ڪنداسين انهن تي خرچ ۽ محنت ب گهٽ آھي انکان علاوه هن مل وارن اسان کي گذريل سالن جون بقايائون به اڃا تائين ادا نه ڪري اسانجو معاشي قتل ڪيو آھي اسين وزير اعلى! سنڌ ۽ چيف جسٽس سنڌ هائي ڪورٽ کان مطالبو ٿا ڪريون ته ڪمند جي مقرر ٿيل ريٽ جي نوٽيفڪيشن تي سختيء سان عمل ڪرايو وڃي ۽ اسان کي پنهنجون رهتون جلد ڏياريون وڃن،