چوھڙجمالي(ن پ ا) چوهڙ جمالي ۾ نينگري سان زيادتي جي مبينا ڪوشش ڪئي وئي. ان ڏس ۾ چوھڙجمالي ۾ ستاھ واھ ڀرسان سورج مکي جي فصل ۾  7 ورهين جي نياڻي زاھده ملاح سان مبينا زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي. ٻارڙيءَ جي رڙين تي شھرين جوابدار سومار ملاح کي پڪڙي اھڙو اطلاع  چوھڙجمالي پوليس کي ڏنو. پوليس پھچي جوابدار کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو. اطلاع تي وارث پڻ چوھڙجمالي  ٿاڻي تي پھتا. معصوم زاھدان ملاح روئيندي چيو ته مون کي شئي وٺي ڏيڻ جو چئي فصل ۾ وٺي ويو. زاھدان جي پيء الھڏنوملاح  جو چوڻ ھو ته جوابدار سومار ملاح منهنجي نياڻي سان وڏو ظلم ڪيو .آهي جوابدار کي سزا ڏني وڃي. پوليس معصوم زاھدان ملاح جي وارثن کي ميڊيڪل ڪرائڻ جو ليٽر ڏئي اسپتال ريفر ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف چوھڙجمالي پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدار اڳ ۾ چوري جي ڪيس ۾ ملوث آهي.