سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي ڪيٽل ڪالوني جي سرڪاريزمين ۾ خرد برد ڪرڻ واري معاملي ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، سنڌهاءِ ڪورٽ بئنچ سکر جو هڪ ٻيو وڏو فيصلو ڏنو ويو آهي، ڊي سي سکر خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو آهي، عدالت جو چوڻ آهي ته ڊي سي سکر راڻا عديل کي فوري تي هٽايو وڃي، عدالت جو چوڻ آهي ته ڊي سي راڻا عديل کي هاڻي ڪا به فيلڊ پوسٽ نه ڏني وڃي، عدالت حڪم ڏنو آهي، ڊي سي راڻا عديل کي هٽائڻ لاءِ چيف سيڪريٽري کي خط لکيو وڃي.