شڪارپور/ڪنڌڪوٽ/ڪرمپور(رپورٽون:وحيدبروهي+عمران کوسو+سيف الله بجاراڻي) ڳڙھي تيغو جي ڪچي ۾ ٻئي ڏينهن به پوليس آپريشن جاري رهيو، پوليس انتظاميا ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڊرون سان بمباري ڪئي ۽ ڊرون ڪيمرائن سان ڌاڙيلن بابت معلوما حاصل ڪئي. ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آپريشن ۾ پوليس کا ڪا وڏي ڪاميابي نه ملي سگهي آهي. جوابدار ڳوٺ خالي ڪري هليا ويا آهن. ڪوبه ڏوھاري ھٿ اچي نه سگھيو نه ئي وري پوليس پاران 8 ڌاڙيلن کي مقابلي ۾ مارڻ واري دعويٰ سچي ثابت ٿي سگھي. مليل اطلاعن موجب ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد مان انڊس هاءِ وي تان اغوا ٿيل ٻن ڊرائيورن نعمت الله ۽ نقيب الله پٺاڻ جي بازيابي لاءِ ڳڙھي تيغو جي ڪچي ۾ ٻئي ڏينهن به آپريشن جاري رهيو. 4 اي پي سي چين مشين، 20 کان وڌيڪ پوليس موبائلن سان ڳوٺ نصير تيغاڻي ۽ منڌو تيغاڻي جي ڳوٺن تي چڙھائي ڪئي وئي پر جوابدار گهر خالي ڪري ويا هئا جنهن ڪري ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي. جڏهن ته پوليس مٿان حملو ڪندڙ ڌاڙيلن جي گهرن ڏانهن نه وئي ايس ايس پي امير سعود مگسي ڳڙھي تيغو چوڪي تي ويٺو رهيو ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو پڻ آپريشن جو معائنو ڪيو. پوليس کي ٻئي ڏينهن به ڪا خاص ڪاميابي نه ملي سگهي. پوليس کي تباهه ٿيل چين اي پي سي هٿ اچي وئي آهي. جڏهن ته اغوا ٿيل ٻئي ڊرائيور به بازياب نه ٿي سگهيا آهن.پوليس جديد ٽيڪنالوجي به استعمال ڪري رهي آهي ۽ هر 3 ڪلاڪن بعد ڪچي ۾ ڊرون ڪيميرائين سرچنگ ڪئي پئي وڃي. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ڏوهاري ڪنڌڪوٽ جو ڪچو ڇڏي ڳڙهي تيغي جي ڪچي طرف فرار ٿي ويا آهن ۽ ڏوهارين جا مختلف ٽولا ڳڙهي تيغو ۾ گڏ ٿي ويا آهن. هوڏانهن ايڊيشنل آءِ جي سکر ريجن جي ترجمان هڪ پڌرائي ۾ چيو آهي ته ايڊيشنل آءِ جي سکر ريجن ڪامران فضل، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو رينج ناصر آفتاب، ايس ايس پي شڪارپور، ڪيپٽن امير سعود مگسي ۽ اي ايس پي سٽي سيد فاضل شاهه بخاري جي سربراهي ۾ آپريشن جاري آهي ۽ ڪچي جي علائقي ۾ ڊرون جي مدد سان شيلنگ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڌاڙيلن جا ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ ڊرون ڪيمرائن جي مدد سان پوليس جي ڳري نفري سان سرچ آپريشن ڪيو ويو، ڳرو بارودي اسلحي ۽ اي پي سي چينن وسيلي ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پوليس ۽ ڌاڙيلن جو مقابلو جاري آهي ۽ ڪيترائي ڌاڙيل زخمي ٿيا آهن جن جي معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي. پوليس اتي مسقتل ڪيمپ قائم ڪري ورتي آهي. ڪچي جا سمورا علائقا مورچا لڳائي سيل ڪيا پيا وڃن، آپريشن وڌيڪ تيز ڪيو ويندو. هن چيو ته ڌاڙيلن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ تائين آپريشن جاري رهندو، جيستائين هڪ به ڌاڙيل جيئرو آهي چين سان نه ويهنداسين. ايس ايس پي شڪارپور امير سعود مگسي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪير به ڏوهارين جي سرپرستي ڪندڙ هجي ان کي ڪڏهن معاف نه ڪيو ويندو، شڪارپور پوليس ڪچي ۾ آپريشن ڪري ڏوهارين جو صفايو ڪندي هن وڌيڪ چيو ته سردار تيغو خان تيغاڻي کي ڏوهارين جي سرپرستي ڪرڻ جي ڏوه ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي ڪو ڪيڏو به بااثر ڇو نه هجي شڪارپور ضلعي اندر ڏوهارين جو ساٿاري هوندو ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) شڪارپور جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ ٻن پوليس اهلڪارن ۽ هڪ فوٽوگرافر جي شهادت بعد شڪارپور پوليس ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪري ڌاڙيلن جي مدد ڪرڻ جي الزام ۾ سردار تيغو خان تيغاڻي کي 2 پٽن، ڀائيٽي، ڀاڻيجي، دوست ۽ ٽن ملازمن سميت گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته سنڌ حڪومت طرفان ڪچي ۾ رينجرز ۽ فوج جي مدد سان آپريشن جو فيصلو ڪيو آهي، ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب ڪالهه فجر مهل شڪارپور پوليس ڪراچي جي صفوره واري علائقي ۾ واقع سردار تيغو خان تيغاڻي جي گھر تي چڙهائي ڪئي، پوليس سردار تيغو خان تيغاڻي، سندس پٽن خالد خان، مشتاق خان، ڀاڻيجي غلام محمد، ڀائيٽي منور ۽ دوست ظفر سهندڙو کي گرفتار ڪيو، پوليس هڪ ڊرائيور، بورچي ۽ نوڪر کي به کنڀي وئي، انهي ڪارروائي کان ڪراچي پوليس لاعلمي جو اظهار ڪيو، بعد ۾ ايس ايس پي شڪارپور امير سعود مگسي گرفتارين جي تصديق ڪئي. تيغو تيغاڻي سميت سمورن گرفتار ڪيلن کي اڻ ڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي جتي کائن پڇا ڳاڇا جاري آهي. ڳڙهي تيغو ۾ِ مغوين جي بازيابي جي لاءِ ڪيل آپريشن جي شهيدن جو ڪيس سرڪاري فرياد تي دهشت گردي ايڪٽ تحت سردار تيغو خان تيغاڻي سندس ڀائيٽن ڀاڻيجن 36 سڃاتل ۽ 20 اڻ سڃاتل مجموعي طور تي 56 ڄڻن مٿان داخل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف سنڌ حڪومت ڪچي ۾ فوج ۽ رينجرز جي مدد سان آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ صوبائي وزير مير شبير بجاراڻي چيو آهي ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد جي ڪچي ۾ پلاننگ سان آپريشن ڪيو ويندو، جنهن ۾ فوج، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي شامل ڪيو ويندو، وڏي وزير انهي سلسلي ۾ هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن. هن چيو ته آرپي او، ڊي آءِ جي به ڪچي ۾ موجود آهن، اسان به سفارش ڪنداسين ته گڏيل آپريشن ٿيڻ گھرجي. هن چيو ته سنڌ حڪومت اهو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته ڪچي ۾ ڪامياب حڪمت عملي سان گرينڊ پوليس رينجرز ۽ڪ پاڪ فوج جو گڏيل آپريشن ڪيو ويندو ۽ ڪچي کي ڏوهارين کان پاڪ ڪري ڪچي اندر امن جي فضا قائم ڪرائبي جيئن ٻيهر ڪو ڏوهاري ڪچي ۾ جنم نه وٺي سگهي