ڪرمپور: پوليس داخل ڪرايل ڪيس ۾ چيو آهي ته سردار تيغو تيغاڻي ۽ ٻين جي چوڻ تي ڌاڙيل ماڻهو اغوا ڪري ڀنگ وٺن ٿا، چڱن مڙسن جو ڌاڙيلن کي چيل آهي ته جيڪو ٿيو ان کي اسان پاڻ ئي منهن ڏينداسين، سندن چرچ تي ڏوهارين حملو ڪري ٻن اهلڪارن سميت ٽن ڄڻن کي شهيد ڪيو، خبر موجب سرڪار پاران ايس ايڇ او ناپرڪوٽ امير علي شاه جي فرياد تي داخل ڪيل ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پوليس کي اطلاع مليو ته اغوا ٿيل ٻن ڄڻن نعمت الله ۽ نقيب الله پٺاڻ کي ڌاڙيلن خيرمحمد عرف خيرو تيغاڻي، جهنگل ۽ جان محمد تيغاڻي ساٿين سان گڏجي پنهنجي گهرن ڀرسان جهنگ ۾ لڪائي رکيو آهي، ڌاڙيلن جي سرپرستي تيغو خان تيغاڻي، سندس سئوٽ عمران ۽ عبدالفتاح تيغاڻي ڪن ٿا، جيڪي ڌاڙيلن کي چرچ ڏيندا آهن ته ماڻهو اغوا ڪري ڀنگ وصول ڪيو، جيڪڏهن پوليس اچي ته حملو ڪري شهيد ڪيو، باقي اوهان کي ڪجھه ٿيو ته اسان پاڻ ڏسي وٺنداسين، اهڙي اطلاع کان بالا آفيسرن کي آگاهه ڪرڻ بعد آفيسرن جي حڪم تي ڊي ايس پي خانپور عبدالواحد ٻرڙو ۽ ضلعي جي ٻين ڊي ايس پيز ۽ ضلعي جي سڀني ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز ۽ اهلڪار مدد لاءِ پهتا، انهن سڀني سان گڏجي مغوين جي بازيابي لاءِ ڳڙھي تيغو لڳ جوابدار خيرو تيغاڻي جي گهر وٽ پهتاسين، جيئن ئي گهرن ڏانهن وڌياسين ته جوابدارن خير محمد عرف خيرو، جان محمد، ڪرمو، جهنگل، ممتاز، جيئند، سکيو، يعقوب ، ملان واجد، لاڏو، نورحسن، نورالدين، نظر، فريد عمر، حاڪم، شهمور، بگن، مينهون، جلال، ميرو، نورحسن، مهر جتوئي، الهوڌايو ، حضورو بڊاڻي، عابد ،گل حسن ، جاويد، شوڪت، سڪندر، فيض گولو، منظور، فيضو، لالو، غلام حيدر، اڪبر ۽ 20 اڻ سڃاتلن جن کي هٿن ۾ جديد هٿيار، ڪلاشنڪوف، جي ٿري ۽ راڪيٽ لانچر هئا جن پوليس پارٽي کي ڏسندي ئي مارڻ جي ارادي سان سڌي فائرنگ شروع ڪئي، پوليس به بچاءَ ۾ فائرنگ شروع ڪئي ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ پهريان ٻه اهلڪار زاهد ابڙو ۽ غلام سرور ڪوري زخمي ٿي پيا جن کي اي پي سي ۾ کڻي ڪيمپ تي آڻي علاج لاءِ اسپتال روانو ڪيو، بعد ۾ واپس اچي ٻيهر آپريشن شروع ڪيوسين ته ايس ايڇ او نيو فوجداري وائرليس تي اطلاع ڏنو ته ڌاڙيلن اي پي سي تي راڪيٽ لانچر جا گولا فائر ڪيا آهن، جنهن ۾ 3 جوان شهيد ٿي ويا آهن ۽ ٻيا زخمي آهن، مدد لاءِ پهچو، پوءِ اسان اي پي سي چين ۾ ڌاڙيلن سان مقابلو ڪندي اتي پهتاسون ته پهريان زخمي اهلڪارن کي کڻي ڪيمپ تي پهچائي اسپتال روانو ڪيوسين ٻيهر واپس اچي شهيد ٿيل فوٽو گرافر حسيب شيخ ۽ پوليس جوان منور جتوئي ۽ ڊرائيور عبدالخالق سولنگي جا لاش کڻي ڪيمپ تي پهتاسون، جن کي اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته مقابلي ۾ 3 ڌاڙيل فيضو ، لالو تيغاڻي ۽ منظور جعفري زخمي ٿي پيا جن کي ساٿي کڻي ويا، جڏهن ته ڌاڙيل شهيد اهلڪارن جون ٻه جي ٿري رائفلون، گوليون ۽ 7 بلٽ بروف جيڪٽ به کڻي ويا، ڄاڻايل جوابدارن تيغو خان، عمران ۽ عبدالفتاح تيغاڻي جي چرچ تي دهشت ڦهلائي پوليس مٿان حملو ڪيو ۽ پوليس جي جوانن کي شهيد ۽ زخمي ڪيو.