ميرپورماٿيلو ويجهو عورت کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، جهيڙو، عورت بيهوش

0
293

ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ميرپورماٿيلو ويجهو ڳوٺ عثمان مهر ۾ مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ عورت اغوا ڪرڻ جي الزام هيٺ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران مزاحمت تي عورت مٿان مبينا وحشياڻو تشدد ڪرڻ تي عورت بيهوش ٿي ڪري پئي، متاثر ڌر شھزادو مھر جو چوڻ آهي ته جوابدار برڪت مهر، جڙيو مهر، ياسين، سومرو مهر ۽ ٻين حملو ڪري منهنجي گهر واري شبيران مهر کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي تشدد ڪيو ويو، هن الزام مڙهيو ته جوابدارن اڳ ۾ به اسان هڪ عورت الھورائي مهر کي اغوا ڪري ويا آهن، هاڻي منهنجي گهرواري کي اغوا پيا ڪن، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.