گهوٽڪي/حيدرآباد /لاهور (نمائندن وٽان) عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان حيدرآباد، گهوٽڪي ۽ لاهور ۾ عورت آزادي مارچ ڪيو ويو، عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان قبائلي اثر واري ضلعي گهوٽڪي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عورتون وڏي انگ ۾ روڊن تي نڪري آيون، سوين عورتون سرڪٽ هائوس کان پيادل مارچ ڪنديون اسٽيشن روڊ، قادرپور روڊ کان ٿينديون پريس ڪلب ڀرسان پبلڪ پارڪ پهتيون، ان دوران مارچ ۾ شريڪ عورتن قبائلي سرداري، ڀوتاري نظام، ڪارو ڪاري، عورتن تي تشدد ۽ ظلم خلاف شديد نعريبازي ڪئي، مک تقريب کي خطاب ڪندي عائشا ڌاريجو چيو ته سنڌي سماج ۾ عورتن سان جانورن وارو سلوڪ ٿي رهيو آهي، سنڌي سماج جي عورت پنهنجن هٿان قتل ٿي رهي آهي، اهڙي نا انصافي تي رياست گونگي ۽ ٻوڙي ٿي چڪي آهي، اهڙي صورتحال ۾ اسان عورتن جو عالمي ڏهاڙو وڏن شهرن بدران قبائلي ۽ جاگيرداري اثر وارن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو، عاليا بخشل، ڪامريڊ زرقا شر، ريحانه، شاهده چانڊيو چيو ته جيڪا پارٽي پنهنجي ليڊر بينظير ڀٽو جي قتل سان انصاف ڪري نه سگهي آهي اها ام رباب، شيرين جوکيو، نازيا کوسو کي ڪهڙو انصاف ڏياريندي، هنن جو چوڻ هو ته هي رياست مظلوم عورتن جو قيد خانو آهي، عورت کي جيئڻ جو حق ناهي، کيس جيئري تيزاب هاري ساڙيو وڃي ٿو، هنن وڌيڪ چيو ته حڪمرانن، انتهاپسندن، جاگيردارن ۽ ڀوتارن جي ذهنيت ساڳي آهي، ساڻن مقابلو ڪرڻ جي لاءِ عورت جي سجاڳي ضروري آهي، هن نظام جي تبديلي جي لاءِ مردن کي به گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي، ان موقعي تي اغوا ڪيل ڳورهاري نازيا جي پيرسن والده رشيده اسٽيج تي اچي ڳوڙها ڳاڙي نياڻيءَ جي بازيابي جو مطالبو ڪيو، مارچ م ڊاڪٽر علي اڪبر نائچ، فوزيا سينگار، آغا بلاول پٺاڻ، غضنفر بخاري، رئوف پارس دايو، سڪندر اوڳاهي، لعل بخش گهوٽو، سارنگ ڪلادي، ايازلطيف دايو، نصرالله ڪلادي، عبدالحئي ڀٽو، خالد لاکو، ستار زنگيجو ۽ ٻيا شريڪ هئا، حيدرآباد ۾ شهباز بلڊنگ فلائي اوور کان پريس ڪلب تائين عورت آزادي مارچ ڪيو ويو، مارچ کي خطاب ڪندي ناليواري ليکڪه نورالهديٰ شاهه چيو ته عورت آزادي مارچ پوري ملڪ ۾ ٿئي ٿو پر حيدرآباد جي مارچ ۾ خاص ڳالهه آهي ته هتي هندو عورتون، ڪرسچن عورتون، هارياڻيون به شامل هونديون آهن، هن اقليتي عورتن سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان کي مذهب جي نالي تي استعمال ڪيو وڃي ٿو، نياڻين جو مذهب تبديل ڪندڙ پنهنجون خواهشون پوريون ڪن ٿا، اوهين اٿو ۽ انهن آڏو ڳالهايو، هن هارياڻين کي چيو ته هو پنهنجي اجرت جي معلومات رکن ڪٿي ائين ته ناهي جو انهن کان گهٽ اجرت ۾ ڪم ورتو وڃي ٿو، هن آزادي مارچ ۾ شريڪ سمورين عورتن کي چيو ته تشدد کان انڪاري ٿي پنهنجن ڀينرن ۽ ڌيئرن سان مضبوط رهن، هن چيو ته  ڳالهائڻ ۽ چيلينج ڪرڻ سکو ته جيئن هي خون ختم ٿي سگهي نه ته اڄ هڪ جو لاش ملندو ته سڀاڻي وري اوهان ٻئي لاش جا اطلاع ملندا، عرفانه ملاح چيو ته عورت آزادي مارچ جي سوشل موبلائيزيشن دوران ڪجهه عورتن طرفان مطالبا رکيا ويا ته گهريلو ڪم ڪندڙ عورتن جي اجرت وڌائي وڃي، ان لاءِ مطالبو ڪيون ٿا ته گهريلو ڪم ڪندڙ عورتن جي اجرت مزدورن جي اجرت برابر ڪئي وڃي، هن چيو ته پوليٽيڪل ايڪٽ ۾ ترميم ڪري عورتن کي سڌي ريت سيٽون ڏنيون وڃن ته جيئن عورتون اسيمبليءَ ۾ ويهي فيصلا ڪري سگهن، عطيه دائود چيو ته ماضي ۾ عورت جي جدوجهد جي ڳالهه ڪرڻ تي خاموش ڪرايو ويندو هو، هن جدوجهد ۾ مزدورياڻي، پورهيتياڻي ۽ هر طبقي جون عورتون شامل آهن، زيب النساءَ ملاح چيو ته سياست ۾ ڪم ڪندڙ عورتون پنهنجا مسئلا اجاگر ڪن، وومين ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي ماروي لطيف چيو ته اسان کي هر سال چيو ويندو آهي ته توهان کي آزادي مارچ لاءِ اجازت نه ڏينداسين پر اسان هر سال آزادي مارچ ڪري پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ آواز اٿارينديوسين، ماروي اعواڻ چيو ته عورتن جي حق لاءِ هر سال پنهنجو آزادي مارچ جاري رکنديوسين، زينت ڀٽي چيو ته اڄوڪي دور ۾ عورت تعليم کانسواءِ ڪجهه ناهي، راڌا ڀيل چيو ته اڄوڪي آزادي مارچ ۾ ڪجهه عورتون آزاد ٿي گهران نڪتيون آهن ۽ ڪي وڙهي ڪري، والد، ڀاءُ ۽ مڙس اسان جا ئي آهن انهن کي مڃائينديوسين، بشيران سولنگي چيو ته حڪومت کي گهرجي ته گهريلو ڪم ڪندڙ عورت کي اجرت، صحت ۽ سوشل سيڪيورٽي مهيا ڪري، حيدرآباد ٽرانسجينڊر ڪميونٽي جي عليشه چيو ته ٽرانسجينڊر ۽ عورتن سان پيش ايندڙ مسئلا ساڳيا ئي آهن، مردن جي معاشري ۾ جيترو هن بهادر عورتن ساٿ ڏنو آهي ايترو ڪنهن نه ڏنو آهي، ان موقعي تي سورج پليجو، رخسانه پريت چنڙ عورتن جي حقن لاءِ ترانه پيش ڪيا، جڏهن ته تاج مستاني گيت ڳائي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. هوڏانهن ان کانسواءِ لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ عورت مارچ ڪيو ويو.

ڪراچي (نمائندن وٽان) عورتن جي عالمي ڏينهن تي مختلف شهرن ۾ تقريبون، مظاهرا، ريليون، خبر موجب سکر ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسٽيپ فائونڊيشن طرفان شائستا کوسو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ريليءَ ۾ عورتون توڙي نينگريون وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيون، ريلي ۾ شريڪ عورتن جي هٿن ۾ بئنر کنيل هئا، جن تي عورتن جي حقن ۾ نعرا درج هئا، پريس ڪلب آڏو مک تقريب منعقد ڪئي وئي، جڏهن ته بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽيءَ ۾ به عورتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان تقريب ڪوٺائي وئي، سماجي تنظيم طرفان مقامي هوٽل ۾ به تقريب منعقد ڪئي وئي، پريس ڪلب آڏو ڪوٺايل تقريب ۾ عورتن تي ٿيندڙ ظلم جي حوالي سان ڊرامو پڻ پيش ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ دارالامان ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، ڪمشنر لاڙڪاڻو ٽي وي ڏيڻ جو اعلان ڪيو، هن چيو ته عورت جا مسئلا حل ڪبا، ٻئي پاسي زيبسٽ ۾ ماري اسٽوپس سوسائٽي طرفان تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ عورتن جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري وئي، خيرپور ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ صنفي برابريءَ لاءِ جدت ۽ ٽيڪنالاجي بابت هڪ دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي، ان کان علاوه عورت ڏهاڙي جي مناسبت سان تقريري، پينٽنگ ۽ موسيقي جا مقابلا پڻ ڪرايا ويا ۽ پوزيشن حاصل ڪندڙن ۾ شيلڊون ورهايون ويون، ٺٽو ۾ مقامي تنظيم پاران تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن کي ريحانه آرائين، حميرا راجپوت، مديحه ناز جاکرو ۽ ٻين خطاب ڪيو، رتوديرو ۾ خانگي اسڪول ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ عورت جي عظمت کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو، وارهه ۾ سماجي تنظيم هيومن اپيل ۽ يونيسيف طرفان ڳوٺ خير محمد کھاوڙ ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جھول ويجهو ڳوٺ رشيد مري ۾ پاٿ فائينڊر پاران ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ امين ڪيريو، خيرالنساءِ چانڊيو، الوينا يعقوب،سميعه ناز، عائشا ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ٽنڊو آدم ۾ جماعت اسلامي حلقه خواتين پاران ناهيد وحيد، ميمونا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.