اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد خلاف جاچ ادارا انڪوائري ڪري رهيا آهن، ڪا اڳڀرائي ٿي ته سامهون اچي ويندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رانا ثناءُ الله چيو ته فيض حميد جو ڪورٽ مارشل حڪومت نه ادارو ئي ڪري سگهي ٿو، ڪورٽ مارشل گهرو وزارت نه ارادو ۽ جي ايڇ ڪيو ڪندو آهي، هن چيو ته عمران خان جي انجام تي پهچڻ بنا ملڪ اڳتي نه وڌندو، اميد ته عمران خان 13 مارچ تي عدالت ۾ پيش ٿي ويندو، اها به اميد آهي ته پيش نه ٿيڻ تي کيس وڌيڪ رليف نه ملندو، هاڻ جيڪڏهن ان سان وڌيڪ مهرباني ٿي ته سوال اٿندا. هن چيو ته اسان عدالتي فيصلن جو احترام ڪيون ٿا پر فيصلا اسان لاءِ حيراني جو سبب ضرور آهن، عمران خان کي جهڙو رليف هاءِ ڪورٽ مان مليو آهي، اسان اهڙو اڳ ۾ ته ناهي ڏٺو، منهنجو ناهي خيال ته 13 مارچ کانپوءِ وڌيڪ گنجائش هوندي. رانا ثناءُالله چيو ته فرح گوگي 12 ارب رپيا کڻي دبئي ڀڄي وئي آهي، فرح گوگي عمران خان جي فرنٽ مين هئي، نيب ۾ سڄو رڪارڊ پيو آهي، ڪڏهن هن ٻڌايو ته 450 ڪنال ايراضي سندس نالي ڪيئن لڳي وئي؟ ڪڏهن هن قومي ناڻي کي 50 ارب رپين جي نقصان جو جواب ڏنو؟ نئين نيب چيئرمين کي گهرجي ته سستي ختم ڪري معاملو اڳتي وڌائي. هن چيو ته مني لانڊرنگ، ٽيريان وائٽ ۽ توشا خانه معاملي تي ان کي جيڪو رليف ملڻو هو اهو ملي ويو، عمران خان پنهنجي فتنه گري کان نٿو مڙي، کيس ووٽ ذريعي مائينس نه ڪيو ويو ته ملڪ سان ڪو حادثو ڪري ويهندو، رانا ثناءُالله چيو ته انٽيليجنس ادارن جي رپورٽس کانپوءِ لاهور ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، عمران خان هاڻي پنهنجي منطقي انجام ڏانهن وڌي رهيو آهي، ٽن ڪيسز ۾ هاڻي هن وٽ ڪو به جواب نه آهي.