اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ عورت مارچ دوران عورتن ۽ پوليس وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان اسلام آباد پريس ڪلب ٻاهران عورت مارچ ڪيو ويو، جنهن ۾ عورتن، سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، انهي دوران پوليس اهلڪارن ۽ مارچ ۾ شريڪ عورتن ۾ ڇڪتاڻ ٿي، پوليس اهلڪارن جي عورتن مٿان تشدد جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. پوليس اهلڪارن طرفان عورت مارچ ۾ شريڪ عورتن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ لٺبازي ڪئي وئي، پوليس جو چوڻ آهي ته ٽولين جي صورت ۾ عورتن جي مارچ ۾ شرڪت سبب منهن ماري ٿي، عورتن جو چوڻ آهي ته پوليس عورت مارچ کي روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، جنهن سبب تڪرار ٿيو. هوڏانهن گهرو وزير رانا ثناءُالله واقعي جو نوٽيس وٺندي ٻڌايو ته واقعي ۾ ملوث 3 اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ ٻين جو تعين ڪيو پيو وڃي جن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. جڏهن ته آءِ جي اسلام آباد عورتن مارچ ۾ ٿيل زيادتي تي معذرت ڪري ورتي، لٺبازي ۾ ملوث 16 اهلڪار معطل ڪري ڇڏيو.