سرحد (ن پ ا)ڳوٺ ساٿي خان مهر ۾ شرپسندن ڳوٺاڻي سائينداد ميراڻي جي مڇي جي تلاءَ ۾ زهر اڇلايو ويو، فارم ۾ پلجندڙ لکين رپين جي ماليت جي مڇي مري وئي، ان سلسلي ۾ مڇي فارم جي مالڪ سائينداد ميراڻي جو چوڻ هو ته شرپسندن مڇي فارم ۾ زهر وجهي مڇي ماري نقصان ڪيو آھي، هن اپيل ڪندي چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.