روهڙي (ن پ ا) روهڙي ويجهو سنگرار ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد شريف سولنگي ۾ مھينو اڳ ڪارنهن الزام هيٺ آيل 9 ورهين جي نينگر فرحان علي سولنگي جي ڌر تي مخالفن جي ۾ غلام ياسين سولنگي ۽ محرم علي سولنگي زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ تعلقه اسپتال روهڙي پهچايو ويو، زخمين ۽ وارثن احتجاج ڪندي چيو ته مھينو اڳ سولنگي برادري جي ماڻهن علڻ سولنگي،عزيز الله،بابر سولنگي 9 سال جي ٻارڙي فرحان علي سولنگي تي ڪوڙو ڪارنهن الزام ھڻي حملو ڪيو، واقعي جو سنگرار ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي، مخالف ڌر ٻيهر حملو ڪري اسان جي ماڻهن کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آهي