سرحد (رپورٽ حاڪم ابڙو) سرحد ڀرسان آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ مراد سندراڻي ۾ جوابدار ڀاءُ پنھنجي نوجوان ڀيڻ مائي اميدان سندراڻي کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو آھي. ذريعن موجب جوابدار ناري جو لاش سنڌو درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو، ان سلسلي ۾ آندل سندراڻي پوليس جو چوڻ هو ته درياهه جي پاروچي ڀر ڪچي جي علائقي مراد سندراڻي ۾ ناري قتل ۽ لاش سنڌو درياهه ۾ لوڙهڻ جو اطلاع مليو آھي، لاش هٿ ڪرڻ بعد وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ويندي، هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آھن ته ناري اميدان سندراڻي کي ڀاءُ مولا بخش سندراڻي پنهنجي ئي برادري جي نوجوان سان ڪارنهن جو الزام مڙهي قتل ڪيو آھي، جڏهن ته ذريعن وٽان اها پڻ ڄاڻ ملي آھي ته واقعي بعد آندل سندراڻي پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻجي ناري اميدان سندراڻي جي خون کي گهريلو جهيڙي ۾ اتفاقي قتل ٿيڻ جو رنگ ڏئي، لوڙھڻ جي ڪوشش ڪري رهي آھي جڏهن ته ذريعن اها پڻ دعوى ڪئي آھي ته ناري کي مبينه طور ڪارنهن جي الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آھي.