ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) ٽنڊو محمد خان جي شهيد بينظير پارڪ سامهون 65سالن جي پيرسن شخص جو لاش هٿ آيو، ان ڏس ۾ ٽنڊو محمد خان شهر جي حيدرآباد بدين روڊ شهيد بينظير پارڪ سامهون 65ورهين جي نامعلوم پيرسن شخص جي لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو ويو، سٽي ٿاڻي جي پوليس لاش کي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال پهچايو، جتي سندس سڃاڻپ خدن ملاح رهواسي اصغر آباد طور ڪئي ويئي آهي .